اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ ??يو آهي ته پوليو وائرس جي موجوده صورتحال سڄي ملڪ جي ٻارن لاء?? سنگين خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هاءِ رسڪ يونين ڪائونسل گوجرو دؤري دوران ڪيو. دؤري دوران هن پوليو مهم جو معائنو ڪيو ۽ ٽيمن سان ملاقات ڪئي. هن ??يو ته 16 کان 22 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ جي 143 مخصوص ضلعن ۾ پوليو خ??اف مهم جاري رهندي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ورڪرز سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجي 5 سالن تائين جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيئارين. هن ??يو ته پوليو خ??اف جنگ ۾ ڪاميابي اجتماعي ڪوششن ذريعي ئي ممڪن آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں