اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ايمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آرمي پبلڪ اسڪول پشاور( اي پي ايس)جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته انهن شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، 16 دسمبر 2014ع جو سانحو قوم?? تاريخ جو ڪارو باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اي پي ايس جي معصوم شاگردن ۽ استادن جي قربانين قوم کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد ڪيو. سومر ڏينهن پنهنجي ب??ان ۾ سردار اياز صادق چيو ته اي پي ايس جا شهيد دهشتگردي خلاف اسان جي قومي اتحاد ۽ عزم جي علامت آهن سندن والدين جي صبر ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر دهشتگردي خلاف ج??گ ۾ قانونسازي ذريعي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ج??گ ۾ سيڪيورتي فورسز لازو??ل قربانيون ڏنيون آهن. هن ج??گ ۾ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتم?? تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
اي پي ايس جي شاگردن ۽ استادن جي قربانين قوم کي دهشتگردي خلاف متحد ڪيو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر