اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي)گھرو ??عاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گذريل ڏينھن ڊي چوڪ ک??ن خيبر پلازه تائين دورو ڪيو جتي ھن ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نوجوانن سان ملاقات ڪئي ۽ انھن جي جرعتمندي ج?? تعريف ڪئي. گھرو ??زير محسن نقوي شرپسندن کان ڪليئر ڪيل علائقن جو جائزو ورتو. ھن سي ڊي اي کي روڊن جي فوري صفائي جو حڪم ڏنو. گھرو ??زير محسن نقوي شرپسندن جي حملن کان عمارتن ۽ ٻين هنڌن تائين پھچڻ وارن هنڌن جو به جائزو ورتو. گھرو ??زير محسن نقوي روڊن تان رڪاوٽون ھٽائڻ جي ھدايت ڏني. ھن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ڪيون ٿا ته ڏڦيڙ جي سازش ناڪام ٿي. رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن بھادري سان مظاھرين کي پوئتي هٽايو. پاڪ فوج، ايف سي، ا??لام آباد، پنجاب ۽ سنڌ پوليس کي جرتمنداڻي ڪردار تي مبارڪون ڏيان ٿو. ھن چيو ته پرامن پاڪستان ۽ پاڪستانين جي ڪاميابي ٿي آھي.
گھرو وزير محسن نقوي پاران رينجرز، پوليس، ايف سي ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر