دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستا??ي فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو ق??ام ??نهي ملڪن جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئي ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پ??ڻ پاڪستا??ي فن پارن جي نمائش ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزيم جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزيراعظم کي نمائش ۾ موجود فن پارا ڏيکاريا ۽ نمائش جي منتظمين ۽ پاڪستا??ي فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ جو منظر آرٽ گيلري جي انعقاد ۽ پاڪستا??ي فنڪارن جي پ??يرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان نمائش جو انعقاد پوري پ??ڪستاني قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪستا??ي فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو ق??ام ??طر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم دوري ۾ ناليواري پ??ڪستاني معمار نيئر علي دادا، پاڪستاني مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان ملاقات ڪئي. نمائش ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پ??ڪستاني مصور??، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن. نمائش ۾ شاڪر علي، صادقين، گل جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، نيئر علي دادا ۽ ڪيترن ئي پ??ڪستا??ي فنڪارن جي فن پارن جي نمائش ڪئي وئي.
وزيراعظم پاران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج