اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداو??ر واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بيلاروس جي وفد سان ملا??ات دوران ڪيو. بيلاروس جي زراعت بابت نائب وزير شگوئيڪو ?? صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صنعت ۽ پيداو??ر واري وزارت مان جاري بيان موجب بيلاروس ٽريڪٽر جو گڏيل پلانٽ پاڪستان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ ايف ايم وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ زرعي انجنيئرن جي تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان موجب بيلاروس پاڪستان ۾ زرعي مشينن ج?? جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. زرعي شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميون کي بيلاروس جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽرنري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بيلاروس جي نائب وزير چيو ته بيلاروس پاڪستان ۾ وٽرنري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿو.
پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria