اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يومِ شهداءِ پوليس، بهادر پوليس آفي??رن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل مح??وظ ۽ روشن بڻايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ بيان موجب وزيراعظم يومِ شهداءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي شهيد آفي??رن توڙي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏوهن جي پاڙ پٽيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ اهلڪارن جون قربانيون لا??وا?? آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرين جٿي طور پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل مح??وظ ۽ روشن بڻايو آهي. پوليس جا شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سڄي قوم شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته شهيد آفي??رن ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميداري آهي. ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏبي. هن چيو ته وفاقي حڪومت شهيدن جي ٻارڙن جي تعليم ۽ صحت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شهيدن جي ڪٽنبن جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. هن چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير طور پڻ پنهنجي دور ۾ پوليس جي شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي پيڪيج ڏنو هو.
يوم شهداءِ پوليس: بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو پيغام
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل