اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ڳالهه تي ??ور ڏنو آهي ته ان قرارداد تي ??ملدرآمد ضروري آهي، عملدرآمد کانسواءِ اها قرارداد بي مقصد هوندي، پاڪستان آزاد رياست جي پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ۾ ڀرپو?? آو??ز اٿاريندو رهندو. هو وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايڪسي لينس ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد تي ??ملدرآمد کي يقيني بڻائي، ان قرارداد تي ??ملدرآمد ضروري اهي، ان کانسواءِ ان قرارداد جو ڪو ڪو مقصد نه هوندو. هن چيو ته غزه ۾ معصوم فلسطينين تي ??اري صيهو??ي ظلم ۽ ڏاڍ کي مستقل طور تي ??ند ٿيڻ گهرجي. غزه ۾ ڇهن مهينن ۾ عورتن ٻارن سميت هزارين فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو ۽ موجوده دور جي بدترين ڏاڍ ۽ تباهي جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن تي هر اک روئڻهارڪي آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جي مهذب ملڪن ان ڏاڍ ۽ بدترين فسطائي حربن ??ي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. تازي عرصي ۾ اهڙي طرح جا دل ڏکوئيندڙ واقعا ڏسڻ لاءِ نه مليا. هن چيو ته ان ڏاڍ ۾ جهڙي طرح ٻار شهيد ٿيا ان جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان سموري اسلامي دنيا ۽ ٻين ملڪن سان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي آزاد رياست جي بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت ۾ پنهنجو ڀرپو?? آو??ز اٿاريندو رهيو آهي ۽ اٿاريندو رهندو.
وزيراعظم پاران غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد خوش آئنده قرار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس