جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (ا?? آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خلاف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نس?? ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قرا??دا??ن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته ا?? آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نس?? ڪشي جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ