اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سي??ٽر ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت، ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت سي??يئر صحافين، ڪالم نگارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تع??ق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والده جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي، والدين جو ئي واحد رشتو آهي جيڪو پنهنجي ٻارن جي ترقي، صحتمند زندگي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات دعائون ڏين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان سڀ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مقررين چيو ته بزرگن جي ڇانوَ برڪت جو سبب هوندي آهي، والده جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي ڇو ته ان جي زندگي سدائين اسان جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري ??ڃي ٿي. والده جي جدائي جي انتهائي ڏکويل موقعي تي صبر ڪرڻ ئي وقت جي گهرج آهي. ناليواري شاعر ۽ صحافي ??يد رضا علي ڪاظمي پيغمبر خدا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۾ نعت رسول مقبول ﷺ ۽ ماءُ جي عظمت تي خوبصورت ڪلام پيش ڪيو. آخر ۾ حافظ طاهر خليل مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي خصوصي دعا ڪرائي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان