ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پ??چ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي و??ير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، ??نصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي و??ير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پ??چ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر