اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان ??ڌا??ي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار ??ڌا??ڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پ??را?? سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار ??ڌا??ڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار ??ڌا??ڻ جي حڪمت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين جي لاءِ عالمي واپاري چرپر جي نظام بابت آگاهي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسرن جي واپار ۽ سيڙپڪاري ??ڌا??ڻ جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظ?? کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان ??ڌا??ي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار ??ڌا??ڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظ?? کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظ?? کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج