اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 24 هين نيشنل س??ڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. آءِ ايس پي آر موجب چئن هفتن تي ??ڌل ورڪشاپ ۾ سينيٽرز، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سفيرن، هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ سول س??سائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن جو مق??د قومي سلامتي ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۽ مختلف رخن بابت وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي جامع قومي سلامتي بابت ورڪشاپ جي پڄاڻي تي ??بارڪباد ڏني. هن ملڪ جي هر قسم جي قيادت جي لاءِ نيشنل س??ڪيورٽي ورڪشاپس منقعد ڪرڻ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن