اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، تيمر گره – باجوڙ 132 ڪي وي ٽرانسميسن لائين، گوادر کان رتوديرو موٽروي ايم 8 جو آپريشن سيڪشن بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بحالي جي ڪمن جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي جڏ??ن ته کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي. گوادر کان رتوديرو موٽروي ايم 8 جو آپريشنل سيڪشن ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو. ايم 8 وانگو هلز جي جڳهه کان لينڊ سلائيڊن ڪليئر ڪئي وئي. ايم 8 موٽروي بحال ٿيڻ سان گوادر، آواران، خضدار ۽ رتوديرو جي لاءِ ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي. ايم 8 موٽروي سيڪشن کي مسافرن جي آساني جي لاءِ هڪطرفو کوليو ويو آهي. تيمر گره – باجوڙ 132 ڪي وي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي. باجوڙ ۽ منڊا گرڊ اسٽيشنز تي معمول جا آپريشنز ب??ال ٿي ويا. ڀان سعيد آباد کي متبادل ذريعي سان بجلي سپل??ئي ڪئي پئي وڃي. وارا جي ڳوٺ کي قمبر گرڊ اسٽيشن مان بجلي سپل??ئي ڏني وئي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي ۽ پاور ڊويزن بحالي جي ڪمن تي ڏينهن رات مقرر آهن.
وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق