اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستان جي يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. ڊپٽي هيڊ آف ميشن رانا ثمر جاويد ۽ ٿرڊ سيڪريٽري محمد طيب صدر مملڪت ۽ وزيراعظم پاڪستان جو يوم آزادي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو. تقريب ۾ ملي نغما به پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لا??اپن ۾ بهتري آئي آهي، روس سان لا??اپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته روس سان لا??اپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو ترجيحي حصو آهي. هن چيو ته روس سان لا??اپن جي هٿي ڏيڻ ۾ اسان جي ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo