اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي آزادي کانسواءِ حقيقي آزادي جو تصور ممڪن نه آهي، پاڪستان لکين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو ويو، ??سا?? کي قو??ي مفاد جي لاءِ ذاتي مفاد قربان ڪرڻو پوندو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود هي قو?? ائٽمي طاقت بڻي، پاڪستاني قو?? گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني، ??سا?? کي ايندڙ نسلن جي مستقبل تي نظر رکڻي پوندي، پاليسين جي تسلسل، معاشي استحڪام سان سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. قو?? کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تاريخ گواهه آهي ته لکين مسلمانن جي خون سان لکيل داستان جو عنوان پاڪستان آهي. ملڪ جي 75 هين سالگ??هه تي آئون تحريڪ آزادي جي انهن اڻ ڳڻين شهيدن کي خراج عقيدت ۽ پوري دنيا ۾ آباد هر پاڪستاني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ رڳو هڪ مبارڪباد ڪافي نه آهي، يقينن ??سا?? هر سال وڏي ڌوم ڌام ۽ خوشي سان آزادي جو ڏهاڙو، پاڪستان ڏهاڙو، قائد ۽ اقبال ڏهاڙو ملهايون ٿا پر حقيقت اها آهي ته ??سا?? گذريل 75 سالن کان انهن ڏينهن کي رڳو ملهايو آهي پر انهن جي اصل مقصد کي اختيار ناهي ڪيو. پاڪستان کي اهڙو نه بڻايو جنهن کي ڏسي پاڻ ??سا?? جي دل اها گواهي ڏي ته قائد ۽ لکين شهيدن جا روح مطمئن ۽ آسوده هوندا. انهي لاءِ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منهنجي دل خوش به آهي ۽ بي چين به آهي. هن چيو ته اڄ ??سا?? کي کليل دل سان اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٻارن، پنهنجي نئين نسل کي اهو سڀ نه ??ئي سگهياسين جنهن جا اهي حقدار آهن. وزيراعظم چيو ته اها قو?? جنهن تي الله تعاليٰ جي سدائين تمام گهڻي رحمت رهي جنهن کي قائداعظم جو عمل ۽ اقبال جي فڪر موجود آهي، پوءِ اها ڇو منزل جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهي آهي، ??سا?? انهن بحرانن ۾ ڇو ورتل آهيون جن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاشي بحران آهي. هن چيو ته سڀ کان اڳ آئون ان جذباتي بحران جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جيڪو اڄ ??سا?? کي درپيش آهي، اهو بحران خودي، خودداري، خوداعتمادي تي ??سا?? جي يقين جو ڪمزور هجڻ آهي جنهن جا اثر اڄ ??سا?? جي قو??ي وجود کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ??سا?? جو قو??ي ڪردار جذبي، همت، محنت ۽ ڪري ڏيکارڻ سان عبارت آهي جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت پاڻ پاڪستان جو قيام آهي. اهو ئي اهو جذبو هو جيڪو علامه اقبال ستل ملت ۾ جاڳايو، جنهن جي مدد سان قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم الشان قيادت ان خواب کي تعبير ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته تعمير پاڪستان جي ان مشن کي ??سا?? جي قو??ي ۽ سياسي قيادت جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي اڳتي وڌايو. هن چيو ته حقيقتن تان نظرون نه هٽايو، هوشمندي سان سچائي کي منهن ڏيو ۽ شديد مالي انتظامي ۽ هر قسم جي مسئلن جو صبر، استقا??ت ۽ دانشمندي سان مقابلو ڪريو.
معاشي آزادي کانسواءِ حقيقي آزادي جو تصور ممڪن نه آهي، پاڪستان لکين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو ويو: وزيراعظم شهباز شريف جو قوم کي خطاب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی