اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آ??ي ته عدل، انصاف ۽ انساني ??قار جي سربلندي لاءِ ضروري آ??ي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي، جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني ??دم واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب ۾ غيرقانوني ت??ديلي، جاري ڀارتي فوجي گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڏس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارتي غاصباڻي قبضي جي خلاف امن جي جدوجهد ۾ ان سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عدل، انصاف ۽ انساني ??قار جي سربلندي لاءِ ضروري آ??ي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني ??دم واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هر ڪشميري جي شهادت ۽ هر گهر جي ت??اهي سان ڪشميرين جي ڀارتي قبضي مان آزادي جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. ايئر چيف چيو ته اسان سدائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.
عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري عملي قدم کڻي: ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون