اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ه??ئوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽ??ل ميپنگ ??ي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي ناجا??ز قبضن جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت کربين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽ??ل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجا??ز قبضا ٻيلن جي زمين تي ڪيا ويا آهن. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ ناجا??ز قبضا قائم ڪيا ويا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمين جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽ??ل ميپنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين تي ناجا??ز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون ناجا??ز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽ??ل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجا??ز قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجا??ز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.
سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری