اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن مان وڏي پئماني تي وسيلن جي غير قانوني منتقلي ترقي، غربت، اڻ برابري ۽ سياسي عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي، رقم جي غير قانوني منتقلي تي ضابطو آڻڻ ??اء?? لاڳاپيل ادارن کي مضبوط بڻائڻو پوندو، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرين ملڪ مالياتي ڏي وٺ کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گڏيل قومن کي ٽيڪس سڌارن ۽ مني لانڊرنگ بابت نوان قدم کڻڻا پوندا، رقم جي غير قانوني منتقلي جي حوالي سان محفوظ تصور ڪيل ملڪن کي چوري ٿيل غير ملڪي اثاثن جي فوري ۽ غير مشروط واپسي جو ??چن ڪرڻو پوندو، عالمي مالياتي نظم ۽ نسق کي بهتر بڻائڻ گهرجي، ٽيڪس جي معاملن، بدعنواني ۽ غير قانوني مالي مدد کي منهن ڏيندڙ عالمي ادارن کي اسرندڙ ملڪن جي خلاف دٻاءُ ۽ ڏاڍ ??اء?? استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 2030ع جي ترقياتي ايجنڊا حاصل ڪرڻ ??اء?? عالمي مالياتي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مالي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب سندس ??اء?? خوشي جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته اڍائي سال پهرين جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته ملڪ جو خزانو خالي هو ۽ وڏا واپاري ۽ مالياتي خسارا درپيش هئا پر ان کان به وڌيڪ اسان جي ملڪ مان غير قانوني طور تي رقم جي منتقلي ٿي، عبوري رپورٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سياسي ۽ سرڪاري بدعنوانين سان گڏوگڏ ڏوهن ۽ ٽيڪس چوري جي ڪري کربين ڊالر هر سال اسرندڙ ملڪن کان ٻاهر منتقل ٿيندا آهن، 7 ٽريلين ڊالر جي چوري ٿيل اثاثا مالياتي لحاظ کان محفوظ ملڪن ۾ پيل آهن. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن مان وڏي پئماني تي وسيلن جي منتقلي، انهن جي ترقي، غربت، اڻبرابري ۽ سياسي عدم استحڪام جو ??ڏو سبب آهي، گذريل سال سيپٽمبر ۾ عبوري رپورٽ تي غور دوران هن ڪيترائي عالمي پاليسي قدم تجويز ڪيا هئا جنهن ۾ چوري ٿيل اثاثن جي فوري واپسي، بدعنواني، ڏوهن ۽ ٽيڪس چوري ۾ مدد ڪندڙ مالياتي ادارن، وڪيلن، اڪائونٽنٽ ۽ ٻين ماڻهن ??اء?? سزائون، ڪمپنين جي بينيفيشل اونرشپ کي سامهون آڻڻ، عالمي سطح تي گهٽ کان گهٽ ڪارپوريٽ ٽيڪس، منصفاڻو ڊجيٽل ٽيڪس لڳائڻ، غير مساوي سيڙپڪاري معاهدن جو جائزو وٺڻ ۽ نظرثاني ۽ غير قانوني طور تي مالي وسيلن جي منتقلي جي نگراني ??اء?? گڏيل قومن تحت هڪ جامع طريقيڪار جو ??يام شامل آهي.
وزيراعظم پاران عالمي مالياتي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ورچوئل خطاب
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری