اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي ??اران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگ??ون رڪارڊ ڪ??ون و??ون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگ??ون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 50 فوتگ??ون ٿ??ون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 798، اسلام آباد ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گلگت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا