اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آ??ي ته حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي پيروي ??رڻ بدران شهادت جو رستو اخ??يا?? ڪري دنيا کي حق جي حفاظت لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي. وزيراعظم اه?? ڳالهه عاشوري جي ڏينهن، 10 محرم الحرام 1438 هه/2016ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پ??غا?? ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم اسان کي ڪربلا جي ياد ڏياري ٿو، ڪربلا ۾ حق ۽ صداقت جو علم بلند رکڻ جي لاءِ امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي اطاعت ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اخ??يا?? ڪيو ۽ دنيا کي هي سبق ڏنو ته حريت هڪ بنيادي حق آهي جيڪو دين اسلام جي تعليم جي عين مطابق آهي، حق جي حفاظت ڪرڻ پنهنجي جان جي حفاظت ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. اهو ئي اهو پ??غا?? آهي جيڪو رسول صه جي ڏوهٽي جي شهادت مان اسان کي ملي ٿو، وزيراعظم چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ استقامت جو ڪو به مثال موجود نه آهي، امام عالي مقام جو هي پ??غا?? پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي.
امام حسين رضه حق لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز