باڪو-02 مارچ (اي پي پي) غير وابسته تحري?? جي چيئرمين ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ڪووڊ- 19 سبب دنيا تي ??وندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي ته جيئن عالمي سطح تي ??دمن جي باري ۾ تفصيلي سفارشون پيش ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غير وابسته تحري?? جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪ??و. هن چيو ته آذربائيجان ضرورتمند غير وابسته تحري?? جي آفريقا سميت مختلف ملڪن کي مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪندو رهندو. سربراهي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ غير وابسته تحري?? جي تقريبن 70 ملڪن جي اعليٰ قيادت ۽ حڪوم?? جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدر اهو اعلان پڻ ڪيو ته آذربائيجان پهرين ڊونر طور هڪ ملين ڊالر مختص ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وبا جي آغاز کان فورن بعد غير وابسته تحريڪ ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪ??ششن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي ڪئي. هن چيو ته آذربائيجان 80 کان وڌيڪ ملڪن کي ڪ??رونا وائرس بابت مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪئي. هن چيو ته وبائي بيماري 2030ع جي پائيدار ترقياتي ??دف لاڳو ڪرڻ تي ??اڪاري اثر پيا. آذربائيجان جي صدر چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ 2030ع جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪ??ششن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته عالمي ڪ??ششن جو مقصد انصاف ۽ عالمي قانونن جو دفاع ڪرڻ آهي. هن خودمختياري، قومي ملڪيت، برابري ۽ گڏيل فائدي جي احترام جي اصولن تحت ڏکڻ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. غير وابسته تحري?? جي چيئرمين چيو ته آذربائيجان غير وابسته تحري?? جي اداره جاتي ترقي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته آذربائيجان غير وابسته تحري?? جي پارلياماني نيٽ ورڪ ۽ تحري?? جي يوٿ آرگنائزيشن جي قيام جو آغاز ڪيو، هن چيو ته اسان جو مقصد اداره جاتي استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ انهن ميمبرن لاءِ هڪ ڪامياب ميراث ڇڏڻ آهي جيڪي آذربائيجان کانپوءِ چيئرمين شپ سنڀاليندا. هن چيو ته 120 ميمبرن سان غير وابسته تحريڪ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کانپوءِ ٻيو وڏو عالمي ادارو آهي. صدر عليوف چيو ته عالمي سلامتي جو ڍانچو جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موجود آهي، هن وقت ڊرامائي تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ گهڻ رخي عمل داءُ تي ??ڳل آهي، هن چيو ته عالمي قانون جي اصولن کي نظرانداز ڪرڻ سان عالمي نظام کي وڌيڪ خطرا درپيش آهن. هن چيو ته خودمختياري ۽ علائقائي سالمي?? جي خلاف ورزي ۽ رياستن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جا وڌيڪ واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهم عالمي تنظيمن جي فيصلن تي ??ا عمل نه ڪيو ويندو آهي يا وري سليڪٽيو ايپروچ ۽ ٻٽو معيار لاڳو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته گڏيل قومن کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڏي عالمي اداري طور غير وابسته تحريڪ کي عالمي ميدان ۾ وڌيڪ واضح ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ نئين عالمي نظام جي نئين سر جوڙجڪ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد تي به زور ڀريو ۽ تجويز پيش ڪئي ته سلامتي ڪائونسل جي جوڙجڪ کي وڌيڪ نمائنده ۽ جاگرافيائي طور تي ??ڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ وڌايو وڃي، سلامتي ڪائونسل جي ڪجهه قراردادن تي ڪجهه ڏينهن ۾ عملدرآمد ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به آذربائيجان جي معاملي ۾ آرمينا سلامتي ڪائونسل جي چار قراردادن کي نظر انداز ڪيو جنهن ۾ تقريبن 30 سالن کان آذربائيجان جي علائقي مان پ??هن??ي هٿياربند فوج جي فوري ۽ غير مشروف واپسي جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته 2020ع ۾ آذربائيجان پاڻ فوجي سياسي طريقن سان پ??هن??ي علائقائي سالميت ۽ تاريخي انصاف کي بحال ڪيو ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي لاڳو ڪيو. صدر عليوف چيو ته شايد هي گڏيل قومن جي قيام کانپوءِ دنيا جو پهريون ڪيس هو، هن چيو ته آذربائيجان پ??هن??ي مالي وسيلن مان آزاد ڪرايل علائقن ۾ وڏي پئماني تي ??ئين سر تعمير جو ڪم ڪيو، آذربائيجان حڪمت 2022ع-2021ع ۾ نئين سر تعمير جي ڪ?? لاءِ تقريبن 4 بلين ڊالر خرچ ڪيا آهن، هن سال اسان ان مقصد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1.7 بلين ڊالر مختص ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته غير وابسته تحريڪ کي هڪ مستقل سيٽ ڏيڻ گهرجي ۽ تحري?? جي سربراهه جي عهدي تي ??ائز ملڪ کي اها سيٽ واري واري سان ملڻ گهرجي. هن اها تجويز پيش ڪندي تحري?? جي ميمبر ملڪن سان ان معاملي تي ??شاورت شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته اسان سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا لاءِ مستقل سيٽ مختص ڪرڻ جي به حمايت ڪريون ٿا. صدر الهام عليوف ??ذربائيجان جي موقف جي حمايت ڪرڻ ۽ 2020ع ۽ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪطرفي ۽ متعصب آذربائيجان مخالف بيانن کي منظور نه ٿيڻ تي غير وابسته تحري?? جي ملڪن جي واکاڻ ڪئي. پ??هن??ي خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر ڪسابا ڪروسي چيو ته ڪورونا وبائي مرض دنيا کي سيکاريو ته ڪو به ان وقت تائين محفوظ ناهي جيستائين سڀ محفوظ نه هجن، ڇاڪاڻ ته اسان جي سرحدن کي بند ڪرڻ ۽ انفرادي قدم کڻڻ ڪافي ناهن، هن وبائي مرض مان نڪرڻ جو واحد رستو نه رڳو سرحدن جي اندر پر ان کان ٻاهر به يڪجهتي آهي.
غير وابسته تحريڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جو اجلاس، تحريڪ جي چيئرمين الهام عليوف جي ڪووڊ – 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش