اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ??ه ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پن??نج?? ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پن??نج?? سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پن??نج?? ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آهي، عالمي قا??ونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران تڪرار وڌيو ته تيل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي امن تي ان جا منفي اثر پوندا، اسان سڀني جي اولين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پاڪستان اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آهي، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.
عالمي برادري ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena