اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) ناڻي، اوڳا??ين ۽ اقتصادي معاملن واري وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي اثاثن کي منظرعام تي آڻڻ جي لاءِ نئين تجويز ڪيل اسڪيم کي وڌيڪ پ??ڪشش ۽ ٺوس بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رسمي معيشت کان ٻاهر رهجي ويل وڌ کان وڌ ماڻهن کي ملڪي معيشت جو حصو بڻائي سگهجي. هن اها هدايت اثاثن کي منظرعام تي آڻڻ جي اسڪيم (اي??ٽس ڊڪليئريشن اسڪيم) جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ٽيڪسٽائيل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳا??ين واري مملڪتي وزير حماد اظهر، ايف بي آر چيئرمين ۽ بزنس، اڪائونٽنگ ۽ بئنڪنگ جي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria