اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج، لاهور دهلي بس سروس جي 2024?? تائين توسيع، ايوي ايشن پاليسي 2019ع، 10 رڪني پاڪستان گروبندڪ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ، اسلام آباد ۾ ڊگهين عمارتن تي لاڳو پابندي هٽائڻ، سياحت جي فروغ لاءِ پرڏيهين کي ملڪ ??ي مختلف حصن ۾ وڃڻ جي لاءِ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ، پي ٽي اي ٽي بورڊ ۾ ٻن ميمبرن ??ي مقرري ۽ واجد علي کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪرڻ ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم آفيس جي آڊيٽوريم ۾ ميڊيا کي بر??فن?? ڏيندي ٻڌايو ته لاهور دهلي بس سروس ٻنهي ملڪن جي جدا ٿيل خاندانن کي ڳنڍڻ ۽ غريبن جو هڪ معياري سفر جو ذريعو آهي، 17 فيبروري 1999ع ۾ لاهور دهلي بس سروس شروع ٿي هئي ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ ان معاهدي جي تجديد ٿيندي هئي، 17 فيبروري 2019ع تي اهو معاهدو ختم ٿي ويو هو.
وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ