اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي تسلسل سان ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ٿيندڙ اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه آچر ڏينهن چترال گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين يونٽ جي افتتاح تي وزيراعظم سان گڏ چترال مان قومي ??سيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئرمين س??يت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 108 ميگاواٽ آهي ۽ 36 ميگاواٽ جا ٽي يو??ٽ هني?? ويندا. پهريون يونٽ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يو??ٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت