واشنگٽن- 30 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ روس جي سفير انتونوف چيو آهي ته هڪ طرف آمريڪي حڪومت جو قرض تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 350 کرب ڊالر رڪارڊ سطح کان ??ڌي ويو آهي ۽ ٻئي پاسي هو يوڪرين جنگ تي ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي. تاس مطابق آمريڪا طرفان ??وڪرين لاءِ وڌيڪ 20 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد جي اعلان بعد جاري بيان ۾ روسي سفير چيو ته آمريڪي حڪومت يوڪرين جنگ تي جيڪا ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي ان کي پر امن مقصد، ترقياتي هدفن ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي خرچ ڪجي ها ته بهتر ٿئي ها. روسي سفير چيو ته آمريڪي اختياريون يوڪرين جنگ بابت پاليسي جي حوالي سان ??ڪمل طورتي ماضي ۾ ڦاٿل آهن. انهن جي سوچ هاڻي اها آهي ته ه?? 1991ع جي سرحدن تي ٻڌل يوڪرين ٻيهر قائم ڪري سگهن جنهن جي هاڻي ڪا اميد ناهي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم