نيويارڪ _ 6 جون (اي پي پي ) پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا وڌندڙ اسلاموفوبيا کي م??هن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. مسلمانن سان نفرت جي وڌندڙ لهر ??ي پاڪستان، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جي سينيئر سفارتڪارن اسلاموفوبيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومتن جي گ??يل عزم جو ورجاءِ ڪندي امن ، رواداري ۽ بين المذهب مڪالمي جي به وڪالت ڪئي . هو نيو يارڪ ?? ترڪي ج?? قونصليٽ جنرل ۾ ٽنهي اسلامي م??ڪن ج?? قونصل جنرلز جي گ??يل ميزباني ۾ منعقد تقريب سان خطاب ڪري رهيا هئا . پاڪستان ج?? قونصل جنرل عامر احمد اتوزائي پنهنجي خطاب ۾ اسلام جي بنيادي اصولن ، شائستگي، صبر، همدردي ۽ برداشت تي زور ڏنو . هن انتها پسندن جي هڪ اقليت طرفان اسلام جي غلط تشريح ۽ 11/9 جي واقعي بعد اسلاموفوبيا جي ڳڻتي جوڳي اضافي کي اجاگر ڪيو . جنهن ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون، تشدد ۽ ادارن پاران نا مناسب سلوڪ شامل آهي . پاڪستاني سفارتڪار اسلامو فوبيا کي م??هن ڏيڻ لاءِ قدمن بابت گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن جي تازي م??ظوري ۾ ترڪيه ۽ انڊونيشيا سان پاڪستان جي فعال ڪردار تي به زور ڀريو، جنهن ۾ اسلامو فوبيا کي م??هن ڏيڻ لاءِ گ??يل قومن جي خصوصي نمائندي جي م??رري جو مطالبو پڻ شامل آهي. پاڪستان?? قونصل جنرل غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي قدمن کي عالمي اسلامو فوبيا جي هڪ واضح عڪاسي قرار ڏيندي مذمت ڪئي جنهن سڄي دنيا ۾ مروج اسلامو فوبڪ واقعن تي روشني وڌي جنهن ۾ نفرت انگيز تقريرون، ٽارگيٽ حملن ۽ مسلمانن جي خلاف اڻبرابري جو سلوڪ شامل آهن. هن ڀارت ۾ مذهبي هنڌن جي م??ظم تباهي ۽ ان ملڪ اندر ٻين اسلامو فوبڪ ڪاررواين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. ان کانسواءِ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت قابض فوج جي وڏي انگ ۾ موجودگي سان گڏوگڏ اڻبرابري وارين پاليسين طرف به اشارو ڪيو جنهن جو مقصد آبادياتي انجنيئرنگ ذريعي خطي جي آبادي جي بيهڪ کي مسلم اڪثريت کان هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي پروفيسر ڊاڪٽر اينيس بيرڪلي ۽ انڊونيشيا جي ڊاڪٽر امام شمس علي به اسلامو فوبيا ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملن جو جائزو ورتو ۽ ان کي م??هن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تجويز ڪئي. مقررن اسلامو فوبيا کي م??هن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار سان گڏوگڏ ڪميونٽي شموليت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو.
پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا پاران وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر