رياض -23 آڪٽوبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم البديوي چيو آهي، ته چين سان آزاد واپار جو معاهدو جلد ڪيو ويندو. سعودي م??ڊي?? مطابق هن چين جي شهر گوانگ زو ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين ۽ جي سي ??ي ملڪن وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي حتمي صحيحين جي تاريخ جو جلد اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ڌ??ين وچ ۾ آزاد واپار جو معاهدو سمورن شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري سيڙپڪاري جي شعبن ۾ نار، چيني ناتن جي استحڪام جو اهم سرچشمو ثابت ٿيندو. هن چيو ته معاهدي سان ڌ??ين وچ ۾ واپاري ڏيتي ليتي ۽ هڪٻئي مان فائدو کڻڻ جا موقعا وڌندي، جنهن سان چين ۽ نار جي عوام ۽ ملڪن کي فائدو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج