اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزير??عظ?? کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪ?? ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزير??عظ?? کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.
وزيراعظم پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ