اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گ??رو??ريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪالت ڪر?? وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنج?? حصو وجهي رهيون آهن. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جي??ن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.
عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا