فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشرا قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني سان ترقي ڪندا آهن، پاڪستان وڏن چورن کي سزا نه ملڻ جي ڪري تباهه ٿيو، ماضي ۾ ڪرپٽ حڪمرانن عوام کي صحت جهڙي بنيادي سهولتن کا?? به محروم رکيو، پنهنجي ??اءِ ڌار پاڪستان ٺاهي ورتو ۽ پنهنجي کنگهه جو علاج به دبئي، آمريڪا ۽ لنڊن مان ڪرائيندا هئا، پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو نه هو ته ٽاٽا ۽ برلا جي جاءِ تي شريف ۽ زرداري اچي وڃن، 30 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ عوام کي انهن جي حقن کا?? محروم رکڻ وارا ۽ پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ سڀ وڏا چور اڄ منهنجي خلاف گڏ ٿي ويا آهن، آئون ان ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، ڪرپٽ ماڻهن جو مقابلو ڪرڻ آيو آهيان ۽ انهن قبضا گروپن ۽ ظالمن کي قانون جي ??يٺ آڻيندس، اهي انهي لاءِ مون کا?? ڊڄندا آهن ۽ چاهين ٿا ته منهنجي حڪومت جلد ختم ٿي وڃي، پاڪستان هاڻي صحيح رستي تي هلي رهيو آهي ۽ اسان جي حڪومت اهڙو ن??ام آڻي رهي آهي جنهن ۾ ڪو طاقتور ڪنهن ڪمزور جو وقت نٿو کائي سگهي. هو هتي فيصل آباد ڊويزن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي وزير اسد عمر، شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊا??ٽر ياسمين راشد ۽ ٻيا موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ پاڪستان کي مديني جي رياست جي اصولن موجب ٺاهڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڪنهن صوبي جي ??اءِ چار سئو ارب روپين جي ??يلٿ انشورنس فراهم ڪرڻ آسان نه آهي، 74 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي صدر ۽ وزيراعظم آيا پر ڪنهن عوام کي اها سهولت فراهم ڪرڻ جي باري ۾ نه سوچيو، غريب ماڻهو ڪينسر ۽ دل جي ??رض سميت جڏهن مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيندا آهن ته علاج جو خرچ برداشت نه ڪرڻ جي ڪري موت جي ??نهن ۾ هليا ويندا آهن. پر هاڻي رياست عوام جي صحت جي ذميداري ورتي آهي ۽ غريب ماڻهو ان صحت ڪارڊ جي ڪري ڪنهن به اسپتال مان پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا، وزيراعظم چيو ته ننڍي کنڊ جي ??سلمانن پاڪستان ٺاهڻ جي ??اءِ جدوجهد ان لاءِ ڪئي هئي ته جيئن نبي ڪريم ﷺ جي تعليم موجب مديني جي رياست وانگر اسلامي فلاحي رياست قائم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن ۽ سرندي وارن اسپتالن جي ??عيارن کي بهتر بڻائڻ بدران پنهنجي ??اءِ الڳ سهولتون حاصل ڪيون ۽ سرڪاري اسپتالن جو معيار ڪرندو ويو، جن ماڻهن جي ذميداري عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ هيو اهي پنهنجي کنگهه جو علاج به ڪرائڻ ٻاهر ويندا آهن ۽ چيڪ اپ لاءِ ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن لنڊن ۽ ڪڏهن دبئي پهچندا آهن، اڄ سڀ چور جيڪي پهرين هڪٻئي کي چور چوندا هئا ۽ پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا گڏ ٿي ويا آهن، 30 سال ملڪ تي انهن جي حڪومت هئي پر انهن عوام جي ??اءِ ڪجهه نه ڪيو، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي آبادي جي تناسب جي ??حاظ کا?? سڀ کا?? گهٽ اسپتالون، ڊا??ٽر ۽ نرسون آهن. ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۾ ڊا??ٽر ناهن ايندا، حڪمران طبقو پنهنجي ??اءِ ڌار پاڪستان ٺاهي ورتو آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو اهو مقصد نه هو ته ٽاٽا ۽ برلا جي جاءِ تي شريف ۽ زرداري اچي وڃن، منهنجو سياست ۾ اچڻ جو مقصد ٻه خاندان جيڪي ملڪ کي لُٽي رهيا هئا جي خلاف جهاد ڪرڻ هو، سنڌ جو هڪ ليڊر جيڪو چوندو آهي ته وڌيڪ برسات ٿيندي آهي ته گهڻو پاڻي ايندو آهي، اڄ چئي رهيو آهي ته هيلٿ انشورنس تي پئسو خرچ نه ڪنداسين پر اسپتالون ٺاهينداسين، ته آئون انهن کا?? پڇان ٿو ته انهن هن وقت تائين اسپتالون ڇو نه ٺاهيون آهن، اهي عام ماڻهو جي ??سئلن کا?? واقف ئي ناهن اهي ڪڏهن عام اسپتالن ۾ ناهن ويا، زرداري پئسي سان ماڻهن کي خريد ڪندو آهي، آئون سياست ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو مقابلو ڪرڻ آيو آهيان، انهن ڪرپٽ ماڻهن جي ??وندي پاڪستان جو مقصد حاصل نٿو ٿي سگهي. پاڪستان اسلامي فلاحي نظريي جي بنياد تي وجود ۾ آيو هو، نبي ڪريم ﷺ فرمايو هو ته پهريون قومون ان لاءِ تباهه ٿيون هيون جو غريب چوري ڪندو هو ته انهن کي سزا ڏيندا هئا ۽ اميرن کي ڇڏي ڏيندا هئا، پاڪستان وڏن چورن کي سزا نه ملڻ جي ڪري تباهه ٿيو، ڪو به معاشرو ۽ قوم قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني سان ئي اڳتي وڌندي آهي، برطانيه جهڙي ملڪ ۾ وزيراعظم تائين کي جوابده ٿيڻو پئجي رهيو آهي، پر هتي جن نوڪرن ، پاپڙ وارن ۽ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپيا ايندا رهيا اهي قانون کا?? مٿانهون رهيا. سڀني کي خبر آهي ته انهن وٽ چوري جو پئسو آهي، اهي برطانيه ۾ هجن ها ته ڪنهن کي شڪل نه ڏيکاري سگهندا هئا. هتي پارليامينٽ ۾ بيهي ڪري ڏيڍ ڏيڍ ڪلاڪن جون تقريرون ڪندا آهن، جيڪا اصل ۾ نوڪري جي درخواست هوندي آهي ته جيئن انهن کي هڪ ٻيو موقعو ملي وڃي، جنهن ملڪ ۾ اهڙو ن??ام هجي جنهن ۾ صرف ننڍن چورن کي پڪڙيو وڃي ۽ وڏن کي نه پڪڙيو وڃي اهو ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏوهاري جيڪو چوندو آهي ته مون کي دل جي بيماري آهي ۽ علاج لاءِ باهر ويو هو، هو اتي پنهنجون فيڪٽريون ڏسي رهيو آهي ۽ هتي ڪجهه وڪيل چئي رهيا آهن ته انهن کي ٻيهر موقعو ڏيو، انهن جي سڄي عمر جي ??ااهلي جي سزا ختم ڪريو، وزيراعظم چيو ته ڪنهن ملڪ کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ بم هڻڻ جي ضرورت ناهي پوندي جيڪي معاشرا ڪرپشن کي برو ناهن سمجهندا اهي تباهه ٿي ويندا آهن جيڪي ماڻهو پيٽ ڦاڙي پئسو ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندا هئا هاڻي پيٽ جي ??اءِ پاڻ ۾ گڏ ٿي رهيا آهن ڇاڪاڻ جو انهن کي عمران جو خوف آهي. هو چاهين ٿا ته منهنجي حڪومت ختم ٿي وڃي ته پنهنجي ڪيسن ۾ ڊگهيون ڊگهيون تاريخون گهري وٺندا آهن، پر ان کي خبر آهي ته آخرڪار انهن کي جيل وڃڻو آهي ان لاءِ اهي مون کا?? ڊجي رهيا آهن، ۽ انهن جي خواهش اهي ته منهنجي حڪومت جلد ختم ٿئي مان هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيو آهيان ۽ ان قبضا گروپ ۽ ظالمن کي قانون هيٺ آڻيندس. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت اهڙو ن??ام آڻي رهي آهي ته ڪو طاقتور ڪنهن ڪمزور جو حق نه ماري سگهي. عورتن کي وراثت جو حق نه ڏنو ويندو هو، پر اسان جي حڪومت انهن کي اهو حق ڏياريندي، ڇاڪاڻ جو نبي ڪريم ﷺ قرآني تعليم موجب 1500 سال پهرين انهن کي اهو حق ڏنو هو. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جي ڪري هاڻي هارٽ ٽرانسپلانٽ جي سهولت به عام ماڻهو کي ميسر آهي، حڪومت ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب کڻي اچي رهي آهي، اها ناانصافي آهي ته وڏن ماڻهن جا ٻار انگريزي ميڊيم ۾ پڙهن ۽ عام ماڻهو جي ??اءِ ڌار ن??ام هجي، اسان پنجين تائين هڪجهڙو تعليمي ن??ام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو ته آئون چئلينج ڪريان ٿو ته عثمان بوزدار جو ٽي سالا دور نواز شريف جي 30 سالا دور کا?? بهتر آهي. پهريون ڀيرو پنجاب جي تاريخ ۾ عملي ڪم ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي رهيو اهي جنهن سان فيصل آباد کي به تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ نيون انڊسٽريون لڳنديون، پاڪستان هاڻي ان رستي تي هلي پيو آهي، جنهن جو آئون خواب ڏسندو رهيس. ا
معاشرا قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني سان ترقي ڪندا آهن، پاڪستان وڏن چورن کي سزا نه ملڻ جي ڪري تباهه ٿيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت