اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀا??تي آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو ??هي ۽ چيو ??هي ته ڀا??تي جنرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حص?? آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀا??تي حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي عمل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترجمان چيو ??ه ڀا??تي آرمي چيف هندستان جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو ??هي ته هو فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ۽ ان جي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ترجمان چيو ??ه پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي آهي ته هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.
پاڪستان پاران ڀارتي آرمي چيف جا ڪوڙا تبصرا رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ