لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي گلوبل وارمنگ جا شديد خطرا درپيش آهن، حڪو??ت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، مخالف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا ??با ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪو??ت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اسيمبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر کي اپيل ڪريان ٿ?? ته هو ملڪي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ??يا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري ??انپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ