اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪيمشن جي هر فيصلي کي قبول ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ چيو ته ووٽ دائمي طور تي سيڪريٽ ??ه ٿو رهي سگهي، اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي سوچ جي تائيد آهي، اليڪشن ڪميشن کي اهو يقيني بڻائڻو آه?? ته اليڪشن شفافيت سان ٿين، وزيراعظم عمران خان به اهو چاهي ٿو ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين، سينيٽ اليڪشن ۾ شفافيت جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف جي ٻن وڏين پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ميثاق جمهوريت ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو هو ته سينيٽ اليڪشن شو آف هينڊز ذريعي ٿيڻ گهرجن پر روايت موجب انهن پن??نجي مطالبي جي نفي ڪئي. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر اهو سمجهي رهي آه?? ته انهن جي موقف جي تائيد ٿي آهي پر حقيقت ۾ سپريم ڪورٽ چيو آه?? ته ووٽ دائمي طور تي ڳجهو ??ه ٿو رهي سگهي، اهو هڪ وڏو قدم آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻي پوند?? ته اليڪشن پوري طرح شفاف ٿين ۽ ان ۾ ڪو غيرقانوني ڪم يا ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو ??ه ٿئي ۽ نه ئي ڪو به اهڙي قسم جو ذريعو جنهن سان اليڪشن متاثر ٿي سگهي ٿي ان جو خاتمو ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته شفاف اليڪشن جي لاءِ ڪا ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ بابت فيصلو هڪ وڏو ۽ خوش آئنده فيصلو آهي، ٽيڪنالاجي واضح ڪرڻ مان مراد اها آه?? ته اليڪشن ۾ هر اهي وس??لا استعمال ڪيا وڃن جن سان اليڪشن شفاف ٿي سگهي.
سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪيمشن جي هر فيصلي کي قبول ڪريون ٿا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے