اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ??نصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران عنصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن ٻاهرين ع??صر?? جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جا??ي بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪ??شن?? صحت، ترقياتي ??نصوبن بابت معاملن ۽ خاص طور ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ??نصوبن جي رفتار جي جا??زي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر