اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پ?? پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 41 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي برآمد جي حتمي تاريخ ۾ 28 فيبروري 2018ع تائين واڌ ج?? اجازت ڏئي ڇڏي جڏهن ته 35 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جو اضافي مقدار سريلنڪا کي برآمد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس يونائيٽي?? ٽاول ايڪسپورٽرز لميٽيڊ کي ويسپو گروپ بي وي نيدر لينڊز جي 70 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خصوصي غير ملڪي ڪرنسي اڪائونٽ مان 8.425 ملين يورو ڏيڻ ج?? اجازت ڏيڻ جي تجويز تي منظور ڪري ورتي. اي سي سي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي 4 آءِ پي پ??ز (ميسرز سيف پاور لميٽيڊ، ميسرز اورينٽ پاور لميٽيڊ، ميسرز سيفائراليڪٽرڪ ڪمپني ۽ ميسرز ه??مو?? پاور جنريشن پاور ڪمپني لميٽيڊ) طرفان آر ايل اين جي تي پ??داوار جي لاءِ نظرثاني ٿيل ادائيگي شرطن جي حوالي سان عبوري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا