ماسڪو _ 3 ڊسمبر (اي پي پي) روس واضح ڪيو ??هي ته سندس ملڪ شام جي صدر بشار الاسد جي حمايت جاري رکندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو ??هي ته اسان بشار الاسد جي حمايت جاري رکنداسين ، اسان پنهنجي رابطن کي برقرار رکڻ ۽ صورتحال جو تجزيو ڪري رهيا آهيون جڏهن ت?? شام جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري موقف پڻ اختيار ڪيو ويندو . هن چيو ??ه روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي کي ڪو پيغام ناهي پهچايو . هن چيو ??ه يوڪرين جنگ ۾ صورتحال واضع آهي ڪنهن به صورت ۾ اسان مفادن جو تحفظ ڪرڻ جو پورو ارادو رکون ٿا . جارجيا ۾ مظاهرن جو حوالو ڏيندي دمتري پيسڪوف دليل ڏيندي چيو ??ه هو جارجيا جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. هن جارجيا جي صورتحال جي ڀيٽ يوڪرين واقعن سان ڪندي چيو ??ه هتي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . اسان ڪجهه ملڪن ۾ به ائين ئي ڏٺو آهي اهو يوڪرين جي واقعن سان ملندڙ آهي . اهي سمورا ان ڳالهه جا اشارا آهن ته جارجيا ۾ به انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . ترجمان چيو ??ه جارجيا جي قيادت صورتحال کي مستحڪم ۽ پرسڪون بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
روس پاران شام جي صدر جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار