رياض- 02 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي عرب جي ولي عهد شهز??ده محمد بن سلمان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيلي ف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فلسطيني عوام کي اسرائ??لي ظلم کان بچائڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي ولي عهد ترڪيه جي صدر سان رابطي ۾ اسرائ??لي قابض فوج جي وحشياڻي جارحيت جي مقابلي ۾ برادر فلسطيني عوام جي حمايت لاءِ عرب سميت مسلمان امت جي گڏيل ڪوششن جي حوالي سان مملڪت جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن فلسطيني عوام خلاف جاري اسرائ??لي حملن ۽ خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ??رڻ تي زور ڀريو. شهز??ده محمد بن سلمان مصر جي صدر سان رابطي ۾ فلسطيني علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڇڪتاڻ ۾ اضافي اسرائيل جي لڳاتار خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ عرب ۽ اسلامي سطح تي ڪوششون تيز ??رڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
سعودي عرب جي ولي عهد پاران ترڪيه ۽ مصر جي صدرن سان رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر