رياض _ 16 مئي (اي پي پي ) سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين ش??هه سلمان بن عبد العزيز ڪيترائي شاهي فرمان جاري ڪيا آهن . عرب نيوز مطابق شاهه سلمان شهزاده ڊاڪٽر عبد العزيز بن محمد بن عبد العزيز عياف آل مقرن کي پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . شاهه سلمان نائب وزير نيش??ل گارڊ عبد المحسن بن عبد العزيز التو يجري کي پنهنجي عهدي تان برطرف ڪري ايوان ش??هي ۾ صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي . شاهي فرمان ۾ شهزاده ڊاڪٽر عبد العزيز بن محمد بن عبد العزيز عياف آل مقرن کي نيش??ل گارڊ جي نائب وزير ج??ن ذميواريون ڏنيون آهن . شاهه سلمان خالد بن محمد بن عبد العزيزالعبد الڪريم کي ڪابينه جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي . شاهي فرمان ۾ شيانه بنت صالح ب?? عبد الله العزاز کي ڪابينه جي نائب سيڪريٽري مقرري کان برطرف ڪري شاهي ايوان جي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح مازن بن ترڪ?? بن عبد الله السدريري کي ڪابينه ڪائونسل ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . انجنيئر سام?? بن عبد الله مقيم کي سعودي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت اٿارٽي ۾ نائب سربراهه جڏهن ته الربد?? بن فهد بن عبد العزيز کي قومي ڊيٽا اداري جو سربراهه مقرر ڪيو آهي . شاه سلمان عبد المحسن بن سعد المحسن کي نائب ناڻي وارو وزير ، عبد العزيز بن سعود بن عبد العزيز الدحيم کي نائب واپار وارو وزير ، ڊاڪٽر عبد الله بن عل?? بن محمد الاحمري کي نائب صنعت وارو وزير ۽ انجنيئر انس بن عبد الله بن حمد الصليح کي نائب سياحت وارو وزير مقرر ڪيو آهي .
سعودي عرب ۾ مختلف وزارتن ۾ اهم مقرريون ، شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال