گڏيل قومون_ 31 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيوگوترس عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته نسل پرستي ج?? خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومون جي هڪ فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته آفريقي ماڻهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ معاشرن کي هٿي وٺرائي آهي ۽ انساني ڪوششن جي هر شعبي ۾ سهڪار ڪيو آهي ۽ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته آفريقي نسلن سان واسطو رکندڙ متڀيد واري سلوڪ جو شڪار آهن ، هن چيو ته ص??ين کان غلامي واري روئي کي هو اڄ به منهن ڏئي رهيا آهن ، اسان کي پنهنجن معاشرن مان نسلي متڀيد وارن س??وڪ?? جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، آفريقي نسل جي ماڻهن کي مڪمل سياسي ، معاشي ۽ سماجي طور تي معاشري ۾ شمولت کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن