اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ??يو آهي ته ڪاروبار، صنعتن ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي صورتحال بهتر آ??ي، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آ??ي، پاڪستان جي قرضن جو پروفائيل بهتر ٿيو آهي. هن اها ڳالهه ايف پي سي سي آءِ جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ??يو ته اسان جو تجزيو آهي ته 2025ع جي آخر تائين مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو جي مستحڪم سطح تي اچي ويندي. ان سان مجموعي معيشت کي فائدو پهچندو، ميڊيم ٽرم هدفن کي حاصل ڪرڻ سان باقي معاملا پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندا. هن ??يو ته صنعتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آ??ي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ضروري آهي. 2023ع ۾ مشڪلاتن سبب ڪاروباري برادري کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو پر مشڪل حالتن باوجود اسان جون صنعتون هلنديون رهيون ۽ ان جي نتيجي ۾ اڄ اسان معيشت کي مڪمل طور تي هلائڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ??يو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي صورتحال بهتر آ??ي، ان ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار جو وڏو ڪردار آهي. روانگي واپار ۾ جيتوڻيڪ اضافو ٿيو آهي تنهن هوندي به اهو اسان جي اميدن جي موجب ناهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گنجائش موجود آهي. جيستائين اسان جي روانگي واپار ۾ چڱو خاصو اضافو نٿو ٿئي ان وقت تائين ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۽ ادائيگين ۾ توازن جا مسئلا موجود رهندا. هن ??يو ته مٽاسٽا جي ناڻي جو شعبو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آ??ي، هن وقت مٽاسٽا ناڻي جي ماهوار سراسري 3 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آ??ي، ان جو سب اسان جا ڪرنٽ اڪائونٽ کاتا سٺي پوزيشن ۾ آهن، اسان کي اميد آهي ۽ اسان جو هدف آهي ته مالي سال جي پڄاڻي تي گهٽ کان گهٽ 35 ارب ڊالرن جي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ڪري سگهجي. هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ جا کاتا فاضل آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته اها صورتحال برقرار رهي.
اسٽيٽ بئنڪ ڪاروبار، صنعتن ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي: گورنر
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری