اسلام آ??اد- 20 نومبر (اي پي پي) آئين جي آرٽيڪل 191 اي (4) تحت جوڙيل ڪميٽيءَ جو ٽيون اجلاس جسٽس امين الدين خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ رجسٽرارن شرڪت ڪئي. آئيني بينچ لا??ِ ڪيس مئنجمينٽ جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ لا??ِ ڪميٽي ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري آفيسر جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ جي رولز 1980 جي آرڊر V رول 3 تحت التوا هيٺ اپيلن کي جلد اُڪلائڻ لا??ِ ڪميٽي آفيس کي هفتي اندر ڪيسن جي درجابندي، ترتيب ڏيڻ ۽ ڪميٽيءَ جي هر مميبر آڏو روزانو 5 اپيلون ٻُڌڻيءَ لا??ِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌندڙ ڪم جي بار کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ ڪميٽيءَ بينچ کي عدالتي مدد فراهم ڪرڻ لا??ِ هڪ قابل سول جج جي سفارش به ڪئي. 2023ع جي آءِ سي اي نمبر 5 (فوجي عدالتن ذريعي شهرين جي ڪيسن) جي ٻُڌڻيءَ بابت معاملي تي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته جسٽس عائشه اي ملڪ، اڳوڻي بينچ جي ميمبر هئڻ جي ناتي آئيني طور تي انهن اپيلن لا??ِ بينچ ۾ ڪم نٿي ڪري سگهي. جڏهن ته اصل آءِ سي اي جي ٻُڌڻي 7 رڪني بينچ ڪئي هئي، ان لا??ِ ڪميٽي ان معاملي جي فوري ٻُڌڻيءَ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ڪم رجسٽرار جي حوالي ڪيو ويو ته هو جسٽس محمدعلي مظهر جي صلاح سان آئيني بينچ جي عمل ۽ طريقيڪار کي ريگيوليٽ ڪرڻ لا??ِ قانوني مسودو تيار ڪري جنهن جو حتمي مسودو ڪميٽيءَ جي منظوريءَ لا??ِ جائزو وٺندو. ان موقعي تي اجلاس ۾ ڪميٽي ڪيس جي سُڃاڻپ ۽ ٽريڪنگ کي بهتر بنائڻ جي قدمن تحت سمورن لاڳاپيل ڪيس فائلن لا??ِ ”آئيني بينچ“ جي نشان واري مخصوص سائي مهر جي استعمال جي منظوري ڏني. اها تبديلي جامع رنگ ڪوڊڊ ٽيگنگ ذريعي عدالت جي آءِ ٽي تي ٻَڌل ڪيس فلو سسٽم ۾ به ظاهر ٿيندي. آئيني معاملن لا??ِ آرڊر شيٽس کي به معياري بڻايو ويو هو. طريقيڪار جي وضاحت کي يقيني بڻائڻ لا??ِ آرٽيڪل 191 اي تحت سمورن ڪيسن ۾ اهڙا عنوان شامل هوندا جيڪي واضح طور تي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سان تعلق رکندا هجن. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اهڙا ڪيس داخل ڪندڙ ڌُريون ڪيس جي گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪاغذي ڪتب تيار ڪري جمع ڪرائين. جلد ٻُڌڻيءَ لا??ِ درخواستون ڪميٽي آڏو رکيون وينديون جڏهن ته فوري ڪيسن لا??ِ طريقيڪار جي قاعدن کي حتمي شڪل ناهي ڏني ويندي. ڪميٽي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي خاص طور تي آئين جي آرٽيڪل 186 اي تحت ڪيسن جي منتقلي جو اختيار حاصل آهي ۽ اهڙن معاملن جي باقائده بينچن ذريعي ٻُڌڻي ٿيندي رهندي. صرف آرٽيڪل 199 تحت اهڙا معاملا جن ۾ اهم آ??يني سوالن يا قانون جا اهم مسئلا شامل آهن، آئيني بينچ کي اُماڻيا ويندا. آپريشنل ڪارڪردگي کي وڌائڻ لا??ِ هڪ ??هم قدم طور تي ڪميٽي آرٽيڪل 191 اي تحت آئيني معاملي کي سنڀالڻ لا??ِ هڪ ??رانچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان برانچ ۾ ڪيسن جي متناسب ڪارروائيءَ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ موزون عملو مقرر ڪيو ويندو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ طرفان آئيني بينچ کي پهريان ئي منتقل ڪيل ڪيس منظور ٿيل روسٽر مطابق طئي ڪيا ويندا.
جسٽس امين الدين خان جي صدارت هيٺ آئين جي آرٽيڪل 191 اي(4) تحت جوڙيل ڪميٽيءَ جو ٽيون اجلاس
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa