باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏن?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه چيڪ جي وزيراعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز ??ري?? پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن ??طرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ??اڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي صلاحيت تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ پائيدار ترقي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسميات?? تبديلي تازي دور جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي جنهن جي لاءِ گڏيل عالمي قدمن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسميات?? تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قدمن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسميات?? تبديلي جي اثرن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گرين انرجي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه چيڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضرور?? آهي.
وزيراعظم پاران جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ