اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ?? احتجاج دوران مظاهرين جي فوتگين وارين خبرن کي سيڪيورٽي ذريعن سختيءَ سان رد ڪندي انهن کي ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ت?? سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڌُرين طرفان اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ت?? قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ جي نتيجي ۾ مظاهرين جون فوتگيون ٿيون آهن جيڪو سراسر بي بن??اد ?? حقيقتن جي ابتڙ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ت?? سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان ڪنهن به قسم جي هٿيار جو استعمال ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڪامين کي لِڪائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز احتجاج دوران قانون جي دائري ۾ رهندي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي ذريعن عوام کي اپيل ڪئي آهي ت?? اهي سوشل ميڊيا تي ڦهلايل بي بن??اد خبرن تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ تي ڀروسو ڪن.
اسلام آباد ۾ فوتگين واريون خبرون ڪوڙ تي ٻَڌل آهن: سيڪيورٽي ذريعا
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر