اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ موثر ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر واقعي ?? مارجي ويل چيني شهرين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ت?? ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ت?? ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون هم??ردي??ن چيني شهرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی