اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائي??ي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه ت?? هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ت?? هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي ت??فظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح ??ور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائي??ي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو والاريل علائقن ۾ شهرين کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.
پاڪستان پاران غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق