اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه??، ته اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي پاڪستان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آه??. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقا?? دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آه??، ته ملاقات ۾ اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقياتي بئ??ڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئ??ڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آه??. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آه??، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آه??، پاڪستان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آه??ون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.
اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان جي سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مددگار آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج