اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪن??ڙ چين?? شهرين تي دهشتگرداڻي حملي کانپوءِ هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سمورن رياستي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو ڀرپور انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي عزم ورجاءُ ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪن??ڙ چين?? شهرين تي بشام ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبن جي انسپيڪٽر جنرل پوليس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪن??ڙ معصوم شهرين تي ڪڌي حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو پاڪستان ۾ توانائي ۽ پاڻي جي تحفظ جي حوالي سان آهي. وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ بيگناهه چين?? شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن??ي انهن کي يقين ڏيا??يو ته ان وحشياڻي فعل جي ڏوهارين کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم پاڪستان چين جي عوام جي وچ ۾ ڀائيچاري جي پائيدار رشتي کي اجاگر ڪن??ي چيو ته پوري قوم چين?? شهرين جي جانين جي زيان تي ڏکويل آهي. هن قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن ۽ مقامي ماڻهن پاران حملي تي فوري ردعمل کي ساراهيو جنهن ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچايو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي خطرو آهي جنهن کي پاڪستان جي دشمنن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، پاڪ چين دوستي کي نشانو ??ڻائيندڙن جي انهن قدمن جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ عدم اعتماد پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس جي شرڪت ڪن??ڙن ملڪ مان دهشتگردي کي مڪمل طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪن??ڙ سرحد پار دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ علائقائي موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملڪ کي درپيش دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ هٿياربند فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪن??ي چيو ته قوم گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پاڪستان جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. آرمي چيف دهشتگردي جي واقعن ۾ تازي اضافي جي حوالي سان چيو ته پاڪستان جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ پاڪستان جي عوام جي حوصلي ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف ان وقت تائين جنگ وڙهنداسين جيستائين پاڪستان، ??ن جي عوام ۽ هتي ڪم ڪن??ڙ غيرملڪي مهمانن تي بري نظر رکندڙ هر دهشتگرد جو خاتمو نٿو ٿي وڃي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين ته هر غيرملڪ?? شهري خاص طور تي چين?? شهري جيڪي پاڪستان جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پاڪستان ۾ محفوظ رهن، ??سان پوري طاقت سان دهشتگردي جو آخري دم تائين مقابلو ڪن??اسين. اجلاس جي شرڪت ڪن??ڙن رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي دهشتگرداڻي حملي کانپوءِ هنگامي اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی