اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ??ي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، افغانستان ??الهين جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ترجمان ??يو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحاڻي ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ رپورٽس موجب وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت عام شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي ز??ري ۾ اچي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران ??ارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پ??رٽ??ن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ترجمان ??يو ته والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميري سياسي پ??رٽ??ن تي پابندي مذم?? جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن جي تازن بيانن کي رد ڪندي هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي ممڪن آهي.
پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا، 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ