اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبروري تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سا?? ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پاڪستاني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سا?? انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کي ر??ايتي جوش ۽ جذبي سا?? ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??مون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا